منڇر ڍنڍ

منڇر ڍنڍ؛ خوشحالي جو رهجي ويل خواب

 بوبڪ شهر جو چڪر هڻندي منڇر ڍنڍ جي ڀرسان آباد ڳوٺن جي سماجي، اقتصادي صورتحال معلوم ڪرڻ جي ارادي سان ڍنڍ جي بند تي پهتي هئي. ظاهري طور منڇر ۾ پاڻي جام هو، پري کان ٻيڙيون به نظر اچي رهيون هيون. پر مارڪيٽ ۾ اها رش نه هئي جيڪا سدائين مڇي جي مُندن ۾ نظر ايندي آهي. مارڪيٽ هال ۾ تمام ٿوري مقدار ۾ ننڍي مڇي ڏسڻ ۾ آئي پئي جنهن کي ڏسي غربت ۽ بيروزگاري جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. هي مهاڻا پاڪستان جي هن وڏي مٺي پاڻي جي قدرتي ڍنڍ جا پيڙهين کان وارث آهن پر ائين ٿو لڳي ته سندن مالڪي کي تسليم نه پيو ڪيو وڃي. شايد اهو ئي سبب آهي جو سرڪار هن ڍنڍ لاءِ پاڻي جي مناسب ورڇ ۽ ان جي بحالي لاءِ ڪنهن رٿابندي ڪرڻ بدران آر بي او ڊي اسڪيم تحت ايم اين وي نالي وسيلي سڄي ملڪ جو گندو پاڻي هن ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن سان نه صرف مڇي جو نسل ختم ٿي رهيو آهي پر اتي بيٺل پل، سر، ڪنگور ۽ ٻيا گاهه به سڙي ويا آهن. پاڻي ۾ بيٺل اهي گاهه، پل ۽ ڪنگور مڇي جي نسلي افزائش، پکين لاءِ تحفظ ۽ مقامي ماڻهو پنهنجي گھرن ٺاهڻ لاءِ ڇاڄي لاءِ استعمال ڪندا رهيا آهن. علائقي جون هنرمند عورتون انهن سرن ۽ ڪانهن مان تڏا تئونريون ۽ ٻيو سامان ٺاهي مارڪيٽ ۾ وڪڻ پنهنجي ڪٽنبن کي هلائينديون رهيون هيون.

اسان ٿورو وقت اتي بند تي ويٺا هئاسين جتان هن وسيع ڍنڍ جي اوج جو تصور ڪندي نه ڄاڻ ڇو وري موٽندڙ خوشحالي جي اميد جاڳي ٿي پئي ته هيءَ ڍنڍ ضرور بحال ٿيندي. هتان روزگار جي تلاش لڏپلاڻ ڪري ٻين ڍنڍن، ڍرن، دريائن ۽ سمنڊ ڏانهن ويل ملاح موٽي ماڳ ايندا ۽ هن ڍنڍ جي رکوالي ڪندا. خوشحالي جي اميد جو تصور کڻي اتان اسان پنهنجي ٻي منزل گھرڪڻو ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين. هن ڳوٺ ۾ اسان اڳ به ڪيترائي ڀيرا آيا هئاسين ۽ هر ڀيري هنن ماڻهن جي اکين ۾ نهاري اسان کي ڪي نيون ڪهاڻيون ملنديون رهيو آهن. لڳ ڀڳ 200 گھرن تي آباد گھرڪڻو ڳوٺ منڇر ڍنڍ جي بند جي هُن پار لڳو لڳ آباد آهي. گھڻو ڪري هن ڳوٺ جا گھر مختصر تڏن تئونرين ۽ سنهين ڪاٺين سان ٺهيل آهن. زندگي جي هن ڏکئي موڙ تي هن ڳوٺ جي بزرگ صديق ملاح جو چوڻ هو ته هن وقت ٻين ڀر وارن ڳوٺن جيان هتان به اڪثر پورهيت روزگار سانگي ڪراچي جي ساحلي علائقن، بلوچستان جي سون مياڻي ۽ ڊام بندرن ڏانهن ويل آهن. اهي ته هر مهيني، ڏينهن وار تي پنهنجي گھرن ڏانهن ايندا رهن ٿا، پر وڏو تعداد انهن گھرن جو آهي جيڪي هنن منصوبن کان ترت پوءِ پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ جي ٻين ڍنڍن ڍورن ۽ ندين ڏانهن هليا ويا آهن ۽ ڄڻ ته تا جا ٿي ويا آهن.

صديق ملاح هن ڍنڍ تي آباد ماڻهن جي خوشحالي جا ڏينهن ياد ڪندي چوي ٿو ته اڳي هتي مڇي جام هئي ۽ هنن ڪڏهن به اهو تصور نه ڪيو هو ته ههڙا ڏينهن به ڪڏهن وٽن ايندا ۽ هي پاڻي کان عدولجي ڪنڌي تي اچي رهندا. گھرڪڻا نالي جي ڪهاڻي به اها آهي ته اهي هڪ جاءِ کان ٻي تي گھرڪندا رهندا هئا ۽ پوءِ اهي گھرڪڻن جي نالي سان مشهور ٿيا. اصل ۾ هي ملاح آهن ۽ نسلن کان هن ڍنڍ جي وچ تي ٻيٽن تي رهندا آيا آهن. اهي هر ٿوري وقت کان پوءِ هڪ ٻيٽ کان ٻئي تي پنهنجا گھر اڏي ويهندا هئا. هتان جي بزرگن جو چوڻ آهي ته اهي پاڻي جا ماڻهو آهن پر هاڻي کين ڪنهن سازش تحت پاڻي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ويو آهي. گھرڪڻي جي رهڻي ڪهڻي بابت اهو مشهور آهي ته اهي ٻارهو ئي هڪ ٻيٽ کان ٻئي تائين هلندا رهندا هئا. جڏهن به برسات جي مند ۾ جڏهن دريا ۾ چاڙهه ايندو هو ۽ سندن ٻيٽ ۽ ٻيلاٽيون ٻڏڻ لڳندا هئا ته اهي پنهنجي مختصر سامان سان پنهنجي ٻيڙين تي بند تي اچي ويندا هئا ۽ ڪجھه مهينن تائين ٻاهر اچي رهندا هئا. اهو هڪڙو قدرتي سلسلو هو پاڻي جي واڌ ۽ گھٽ هئڻ ۾ هو هري مري ويا هئا. ان سان ڪڏهن به سندن روزگار کي خطرو آڏو نه آيو. پر هاڻي صورتحال مختلف آهي جنهن سان سندن روزگار خطري ۾ آهي. سندن چوڌاري گندو پاني وهي ٿو ۽ سندن ٻيڙيون ن گندي پاڻيءَ تي ڊوڙن ٿيون، هو پنهنجا رڇ پوکي انتظار ڪن ٿا پر هاڻي مڇي آهي ئي ڪانه،  جيڪو سندن نسلن جي جيئاپي جو وسيلو رهندو پي آيو آهي.

هن وقت گھرڪڻو ڳوٺ ڪنهن ترتيب بدران بند جي ڀرسان ائين ڊگھي قطار ۾ ٺهيل گھرن تي مشتمل آهي. شايد ان جو سبب ڪو اهڙو سرڪاري پلاٽ يا زمين جو نه هئڻ هجي جو هوُ ڪنهن ترتيب سان گھر ٺاهي ويهن ها. اسان ڏٺو ته هوُ هاڻي ڍنڍ، بند ۽ ان کان هيٺان سم جي پاڻي جي وچ ۾ آهن. ٻارن جي راند روند يا ماڻهن جي ويهڻ لاءِ صرف بند آهي جتي هو ويهي پنهنجي ماضي کي ياد ڪري سگھن ٿا يا ڪچهري ڪري سگھن ٿا. سم جو پاڻي به ميلن تائين آهي جو ان ڳوٺ جا گھر ان سم واري پاڻي جي ڪنڌي تي آهن. ان پاڻي بابت ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اتان زراعت لاءِ ٺهيل واٽرڪورس وهندو هو جيڪو ٽٽي ويو آهي ۽ هي پاڻي ٻارهو ئي بيٺو رهي ٿو. ان ئي صورتحال ۾ مڇرن جي هئڻ، صاف پاڻي جي تلاش، بيروزگاري ۽ اڻهوند خود ڪئين بيمارين کي جنم ڏيندا هوندا ۽ هي ماڻهو ان صورتحال ۾ اذيتن کي ڀوڳيندا هوندا. اهو تصور به اهي ئي ماڻهو ڪري ڪو اظهار ڪري سگھن ٿا. ڳوٺاڻن جي چوڻ موجب هن گھرڪڻي ڳوٺ جي ڀرسان اٽڪل ڏهن ڳوٺن ۾ ڪو به اسڪول ناهي، جيڪڏهن ڪا عمارت آهي ته سهوليتون ناهن، استاد نٿا اچن. ان ڪري سندن ٻارن جو پڙهائي جي حوالي سان ڪو به مستقبل ناهي. ٺيڪ ائين اتي ڪا به صحت جي سهوليت ناهي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ اهي وڏي ٿڪليف سان منهن ڏين ٿا.

 منڇر جي اندر ٻيڙياتن ڳوٺن جي به دلچسپ ڪهاڻي آهي ته اهي گھر--ٻيڙيون هن ڍنڍ جي پاڻي تي پنهنجي پوري ڪٽنب سان اٽڪل 2300 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هن ڍنڍ جي پاڻي تي ترنديون رهنديون هيون. مرد ۽ عورتون ڄار وڇائي انتظار ڪندا هئا، اتي ئي رڌ پچاءُ، اتي ئي ٻارن جي راند روند، اتي ئي زندگي ٻاروتڻ کان جوڀن رتن تائين ڪهاڻيون جڙنديون، وکرنديون رهنديون هيو ۽ دلين ۾ ڪا ياد رهجي ويندي هئي. يادن جي سهاري هي ڀاڳوند ٻيڙيون، هي روزگار جا وسيلا، هر روز شام ويلي رٿيل هنڌن تي گڏ ٿيندا هئا ۽ بيهڪ ۾ هڪ ڳوٺ بنجي ويندا هئا. ٺيڪ ائين صبح سوير فجر جي آذانن کان اڳ انهن ڳوٺن جي ترتيب وکرڻ شروع ٿيندي هئي. سڀ ٻيڙيون پنهنجي پنهنجي رخ تي ان ئي پاڻي ۾ رڇ پوکيندي ۽ مڇون گڏ ڪندي شام جو مار ڪيٽ ڀرسان اچي بيهنديون هيون ۽ سڀڪو پنهنجي مڇي وڪڻي، سيڌو سامان وٺي واپس انهن ٻيڙيائيتن گھرن ڀيڙو ٿيندا هئا. هنن ٻيڙيائتن ڳوٺن جي سرگرمي جو اندازو ته اهي ئي ٻڌائي سگھن ٿا جن اهي ويجھي کان ڏٺا هوندا، جن انهن گھرن ۾ راتيون گذاريون هونديون، اتي ئي شاديون، نکوٽيون، لائون، مڱڻا ۽ مٺايون، نڪاح ۽ نمازون سڀ ڪجھه انهن ٻيڙيائتن ڳوٺن تي ٿيندو ڏٺو هوندو.  

غربت ۽ بيروزگاري جي تصوير ان کان وڌيڪ اذيتناڪ ڪيئن ٿي ٿي سگھي جو هنن ماڻهن وٽ نه مناسب روزگار آهي، نه ٻارن لاءِ اسڪول، علاج لاءِ صحت مرڪز، نه صاف پاڻي ۽ محفوظ اجھو. زندگي صبح کان شروع ٿئي ٿي ۽ شام جو سج لٿي رڪجي وڃي ٿي ۽ ٻيڙين ۾ ٻرندڙ ڏيئن جي ٽم ٽم تي مائرون پنهنجن ٻارن کي ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون. اهو ته صرف وڏي عمر جا ماڻهو ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته خوشحالي جا رنگ ڪيئن هئا، منڇر جي مٺي پاڻي هوندي، دريا ۽ ڍنڍ جي ڇيڙن ملڻ سان مڇيون، پکي، شاديون، رانديون ۽ خوشيون ڇا هيون. هڪ ڳوٺ کان ٻئي تائين ٻيڙيون سينگاري گھمڻ ۽ ڪنهن آئي مهمان کي گھمائڻ سان دليون خوشين مان گد گد ٿينديون هيون. هاڻوڪن نسلن جا نوجوان ته سامائجڻ سان ئي پنهنجا ماڳ ڇڏي روزگار جي تلاش ۾ هليا وڃن ٿا ۽ ڪجھه پيسا ڪمائي ڪجھه ڏينهن لاءِ واپس اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو صرف ٿورا نوجوان پنهنجي مسئلن کي سمجھي ڳالهائي سگھن ٿا. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته منڇر ڍنڍ جي ڀرسان آباد ماڻهو پيڙهين کان هنن قدرتي وسيلن جا رکوال آهن ۽ هيءَ ڍنڍ هنن جي وسيع دنيا آهي، ان دنيا تي صرف هنن جو حق آهي. هن ڍنڍ جي حوالي سان جڙندڙ پاليسين ۽ قانونن کان اڳ هتان جي بزرگن کي ان سڄي رٿابندي ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن هي ٻڌائي سگھن ته ان منصوبي سان هنن جي زندگي کي ڪا آساني ملي ۽ هنن جا ايندڙ نسل ڪنهن به متوقع خطري کان محفوظ رهي سگھن.

گھرڪڻي ڳوٺ کان اسان اتي ئي ڀرسان ملاحن جي ٻي وسندي ڪوُر مياڻ وياسين جتي اسان اسڪول ۽ ٻين سهوليتن جي حوالي سان ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪيون. اهو عجيب اتفاق هو ته اتي رٿيل ڪنهن شادي جي ڪاڄ جو ڀت تيار هو ۽ اسان کي ان وقت ڀت کائڻ جي آڇ سٺي لڳي. ڪچهري جو موضوع، بک جي احساس ۽ ڀت جي سواد کي محسوس ڪندي اسان اتان ماڻهن کان موڪلائي انهن ئي پيچرن تان واپس ٿياسين. منڇر جو بند پوئتي رهجي ويو هو پر ڍنڍ جا سڀ ڏٺل منظر اسان جي اکين ۾ هئا، جيڪي اسان سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا.  

Environment 2 RURAL LIVELIHOOD 4
Loading...