Back to Main News Page

زراعت جو روايتي نظام ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ

زراعت جو روايتي نظام ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ

 اهو شايد نوي جو ڏهاڪو هو جڏهن سنڌ ۾ مختلف وڏن زميندارن وٽ خانگي جيلن جو انڪشاف ٿيو هو. ڪورٽن جي حڪم تي پوليس جا اٽالا سرگرم ٿي ويا هئا. ميڊيا اهي تصويرون به شايع ڪيون جن ۾ هاري خاندان مرد، عورتون ۽ ٻار سالن کان غلامي واري زندگي گذاري رهيا هئا. کين نه کائڻ لاءِ مناسب کاڌو هو، نه رهڻ لاءِ کليل ۽ پهريدارن کان آجو گھر ۽ نه ٻارن لاءِ اسڪول ۽ ڪنهن اوچتي مٿي سور لاءِ گوري جو انتظام. انهن لاءِ شايد تڙپي مرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به چارو نه هو. ميڊيا وسيلي عورتن ۽ مردن کي ٻني ۾ ڪم ڪندي پير ڪڙيون لڳل ڏيکاريون ويون. دنيا جا انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا دنگ رهجي ويا. ظلم جي اها تصوير پاڪستان لاءِ هڪ بدنامي جو باعث بڻي. زميندارن جي قيد مان آزادي ماڻيندڙ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا ملڪ جي پريس ڪلبن، ۽ شهرن جي رستن تي ساڻن ٿيل ظلمن جون ڪهاڻيون ٻڌائڻ لڳا. هارين سان ظلم ۽ ڏاڍي جي اها حقيقي ڪهاڻي هئي.

ان وقت مشينري، ٽريڪٽر، ڪيميڪل ڀاڻ ۽ دوائون زراعت ۾ مروج ٿي رهيون هيون. اڳي هر هڪ هاري وٽ پنهنجي ڏاندن جي جوڙي هئي جنهن جي جاءِ تي ٽريڪٽر اچي ويو جيڪو ڏهن کان وڌيڪ ڏاندن جي جوڙن جو ڪم ڪري پي سگهيو. روايتي ٻجن بدران ٻيا نوان ٻج اچڻ لڳا. اها سڄي ترقي، فصلن تي اوچتو وڌندڙ خرچ هاري جي حصي ۾ آيا. جيڪي هاري اڳي ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهر لهڻ تي اڌ انُ کڻي گھر پهچندا هئا اهي قرض ۾ سڀ ڪجھ پوئتي ڇڏي ورڻ لڳا. آهستي آهستي واٽرڪورسن ۾ پاڻي جي کوٽ وڌيڪ پريشانين ۾ اضافو بڻي. ائين ڏسندي ئي ڏسندي صدين کان هلندڙ هارين ۽ زميندارن جي وچ ۾ زراعت ۾ برابرجي حصي پتي وارو هڪ قديم ۽ مضبوط رشتو ڪمزور پوندي نيٺ ٽٽڻ لڳو. ڪيترن هاري خاندانن کي برغلائي وڏيرن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جي روايت پئي. سُڪن سان گڏ ساوا سڙڻ لڳا. سنڌ جي زراعت کي هڪڙي منظم نموني، ڪنهن سازش تحت ڪاپاري ڌڪ لڳو. ان کان پوءِ ڪجھه علائقن ۾ زميندارن “هارين” جي ان عذاب کان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ ليما، انبن جا باغ ۽ زراعت جا ٻيا اهڙا فصل متعارف ڪرايا جن ۾ هاري جي حصي پتي جو تصور نه هو ۽ هنن زميندارن روزاني اجرت تي ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ترجيح ڏني. ائين زراعت ۾ هارپي واري نظام بدران روزاني اجرت جو نظام مضبوط ٿيڻ لڳو.

ڪجھ ڏينهن اڳ اسان نوابشاهه ضلعي جي مختلف ڳوٺن ۾ مُشاهداتي گھُوم تي نڪتل هئاسين جتي لڳو ته گھڻو ڪري روايتي هاري گھراڻن جي نوجوانن پنهنجي وڏن جي ڪرت هارپو ڇڏي ٻين ڌنڌن سان دل لڳائي ڇڏي آهي. ظاهري طور هنن ماڻهن پنهنجي زندگين کي بهتر بنائڻ لاءِ هڪڙو متبادل روزگار ڳوليو آهي، جنهن ۾گھڻو ڪري گڏهه گاڏا، چنگچيون، ننڍي پيماني تي ڪاروبار، دڪان ۽ ٻي مزدوري شامل آهي. هنن جو چوڻ هو ته هوُ هاڻي پنهنجي گذر ۾ آزاد آهن. جڏهن به دل چئي ته صبح جو سوير ڪم تي نڪري وڃن ۽ شام جو واپس مختصر اجرت سان ڳوٺ اچن. روزاني مزدوري هنن لاءِ ترجيح جوڳي آهي. ڪجھه هارين جو خيال هو ته زميندارن پنهنجا رويا تبديل ڪري ڇڏيا آهن ان ڪري هو اهو برداشت نه ڪري سگھيا ته فصلن جي حصي نه ملڻ جي صورت ۾ ڏکي زندگي گذاري سگھن. انهن هارين جي جاءِ تي زميندارن ٻين علائقن مان ماڻهن کي گھرائي روزاني اجرت تي لڳايو آهي. ڪافي هارين لاءِ ٿي سگھي ٿو ته اها مجبوري به هجي پر بهرحال پاڻي جي شديد کوٽ ۽ فصلن جي پوکائي تي خرچ وڌڻ ڪري هاري مجبور آهن ته اهي ان گذر کي جاري رکي نه سگھن ۽ ٻيا متبادل روزگار جا وسيلا تلاش ڪن.

اهو صرف هڪ ضلعي جو مثال ناهي، سنڌ جي زراعت سان لاڳاپيل سڀني ضلعن ۾ روايتي هارپي جو تصور گھٽبو پيو وڃي. لڳاتار پاڻي جي کوٽ ۽ في ايڪڙ فصل جي پوکائي تي ايندڙ خرچ جي ڪري ڪجھ علائقن ۾ زميندارن خود پنهنجون زمينون مقاطعي تي ڏيڻ شروع ڪيون آهن جن ۾ نوان زميندار ناڻي وارا فصل پوکڻ کي ترجيح ڏين ٿا، ان ڪري انهن زراعت ۾ ٺيڪيداري نظام کي متعارف ڪرايو آهي. ڪيترن علائقن ۾ هاري جيڪي اڳي روايتي طور اڌ بٽائي تي آزاد هوندا هئا ۽ زميندار ۽ هاري هڪجهڙي حيثيت سان پنهنجي پيداوار تي اگھ مقرر ڪرڻ جا اختيار استعمال ڪندا هئا اهو اختيار هاڻي ختم ٿي رهيو آهي. انهن جي جاءِ تي مقامي سطح تي ٺيڪيداري نظام رائج ٿي رهيو آهي. ۽ ائين غريب مزدور ٺيڪيداري نظام جي صورت ۾ گھٽ اجرت تي وڌيڪ پورهيو ڪري رهيا آهن. هاڻي جڏهن مشينري جي ڪري هنن انساني وسيلن جي ضرورت ناهي، ان ڪري ٻهراڙي جا گھڻا ماڻهو جيڪي زراعت سان لاڳاپيل هئا اهي هن زرعي ترقي جي ڪري بيروزگاري سان منهن ڏئي رهيا آهن. ان سان لڳاتار بيروزگاري جي ڪري ٿي سگھي ٿو ته مستقبل قريب ۾ هي غربت انهن ماڻهن کي زندگين جي ڏيئن اجھائڻ لاءِ مجبور ڪري.

هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهو تازو سنڌ جي ڏاکڻين ضلعن ۾ رپورٽ ٿيندڙ انفرادي توڙي زال ۽ مڙس جي گڏيل خودڪشين جو مثال ڏيندي چون ٿا ته انهن واقعن ۾ خاص طور تي اهي هاري گھراڻا آهن جيڪي گھڻو عرصو مختلف علائقن ۾ زميندارن جي ظلم سان منهن ڏئي رهيا هئا اهي آزادي ماڻڻ کان پوءِ بهتر روزگار نه ملڻ ۽ پنهنجي گھر جي خرچ برداشت نه ڪري سگھڻ جي ڪري خودڪشيون ڪري رهيا آهن. ظاهري طور تي اهي عام خبرون آهن جيڪي ڪنهن به اداري وٽ شمار نٿيون ٿين، نه ئي تحقيق جي دائري ۾ ٿيون اچن جو تصديق سان ڪجھه چئي سگھجي پر  اهي ڪارروايون هن سماج ۾ ان ظلم، بي راهه روي، طبقاتي نظام، بک، بيروزگاري، پاڻي جي کوٽ ۽ زراعت ۾ ايندڙ تبديلين جي ڪري وڌندڙ بي روزگاري تان پردو کڻن ٿيون جن کي بهرحال ڏسڻ جي ضرورت آهي.

 ڪارپوريٽ زراعت

Image result for traditional agriculture farming

ان صورتحال ۾ جيڪي ماڻهو دنيا ۾ ڪارپوريٽ زراعت جي وڌندڙ رجحان تي نظر رکن ٿا تن جو خيال آهي ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪارپوريٽ زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف ملڪن کي سرمائيڪاري لاءِ سهوليتون ڏنيون پيو وڃن. ڪيترن علائقن ۾ گھڻ قومي ڪمپنين کي زمينون ڏنيون ويون آهن ۽ انهن تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. اها اڃا شروعات آهي ۽ جن ملڪن ۾ ڪارپوريٽ زراعت وڏي پيماني تي ٿي رهي آهي اتي رڳو مشينري آهي جنهن کي وڏي انساني وسيلن جي ضرورت ناهي ان ڪري گھڻا هاري ته پاڻ ئي زراعت کان الڳ ٿي ويندا. ترقي جي ان سڄي عمل ۾ جيڪو نقصان ٿيڻو آهي ان ۾ هاري گھراڻا زمين کان بي دخل ٿي ويندا. بيروزگاري وڌندي ڇاڪاڻ ته هاري گھراڻن وٽ صرف زراعت ۽ چوپائي مال جي سنڀال ۽ چاري جو تجربو آهي جيڪو هن ايندڙ طوفان ۾ ڪٿي به ڪم جو ٿي نه سگھندو. ان لاءِ خود سرڪار وٽ به ظاهري طور تي ڪا اهڙي رٿابندي ناهي، جنهن سان هن متوقع بيروزگاري واري طوفان جي اثرن کان ماڻهن کي بچائي سگھجي.

 زراعت سان لاڳاپو رکندڙ ڪجھه ماڻهن جو خيال آهي ته گھڻ قومي زرعي ڪمپنيون گاهه پوکڻ کي اهميت ڏين ٿيون ته جيئن اهي هتي گاهه پيدا ڪري ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري ناڻو ڪمائي سگھن. ان لاءِ هنن وٽ گاهه پروسيسنگ ۽ پيڪنگ جو مضبوط نظام آهي. ٺيڪ ائين ڪجھ ملڪن ۾ اهي ڪمپنيون ڦُٽي جي فصل کي اهميت ڏين ٿيون ته جيئن وڌيڪ پيداوار ڏيندڙ ٻجن جي استعمال سان بهتر معيار وارو ڪچو مال اپائجي. ان ڪپهه مان ڪپڙي جي صنعت کي هٿي وٺرائجي ته جيئن ايڪسپورٽ کي وڌائي سگهجي.

ظاهري طور ڪارپوريٽ زراعت ۾ مشينري جي استعمال سان آساني ٿي پئي آهي. ٽريڪٽرن ۽ ٻي مشينري جي استعمال سان ٿوري عرصي ۾ وڌيڪ پوکائي، بهتر سنڀال سان بهتر پيداوار حاصل ٿي سگھندي. ان حوالي سان ڪارپوريٽ ڪمپنين وٽ پنهنجا جواز آهن جن مطابق ان پوکائي ۾ زرعي دوائن جي وڌيڪ استعمال کي گھٽائي سگھجي ٿو، پيدوار سان نقصان نه ٿيندو، خوراڪ جي قيمتن تي ڪنٽرول ٿيندو، عام ماڻهن لاءِ سستي خوراڪ هوندي وغيره. پر ان سان نقصان اهو ٿيندو ته ڪارپوريٽ زراعت سان جينياتي ترميم شده ۽ پيوندي ٻجن (جي ايم ۽ هائبرڊ)، ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائن جي استعمال جي ڪري خوراڪ ۾ قدرتي ڀرپور غذائيت گھٽبي يا مرڳو ختم ٿي ويندي جيڪا انسان کي زنده رکڻ لاءِ اهم آهي. جنهن جو اثر انهن ٻارن تي پوندو جيڪي گھڻو ڪري غريب هاري گھراڻن سان تعلق رکن ٿا. ڇاڪاڻ ته ان زراعت ۾ اهڙيون دوائون ۽ طريقا استعمال ڪيا وڃن ٿا ته جيئن فصل قدرتي طور آهستي نسرڻ ۽ پچڻ کان سواءِ انهن دوائن ۽ طريقن سان جلدي پچي سگهي جن جي ڪري انهن جي غذائيت ختم ٿي ويندي. اڳي هاري گھٽ مقدار ۾ ئي سهي بٽائي ۾ حصو حاصل ڪندا هئا پر اهو خوراڪ جي غذائيت جي حوالي سان مناسب هو. پر هاڻي اها غذائيت نه ملڻ جي ڪري نسلن جي افزائش جو سوال آهي جنهن سان غربت وڌندي ۽ زندگي ۽ موت جو معاملو پيدا ٿيندو. 

ان ڪري ماهر هڪڙي هٿرادو خوفناڪ تباهي کي ايندي ڏسي رهيا آهن. اهو موضوع پوري دنيا جي سياسي ۽ اقتصادي فورمن تي هڪڙي بحث هيٺ آيل آهي. ان سان اهو به ٿي رهيو آهي ته ان زرعي صنعتي ترقي سان، جينياتي ترميم شده ۽ پيوندي ٻجن (جي ايم ۽ هائبرڊ)، ڪيميائي ڀاڻ ۽ دوائن جي ڪري پيدوار ته وڌيڪ حاصل ٿيندي پر ماحوليات جي حوالي سان تباهي ٿي رهي آهي جيڪا غير محسوس نموني ڏسڻ ۾ اچي ٿي. اهو به اهم سوال آهي ته انسان لاءِ وڏو خطرو پاڻي جي وسيلن ختم ٿيڻ،  تيزي سان خراب ٿيڻ ۽ خوراڪ جي کوٽ آهي. ڪارپوريٽ زراعت جي ڪري ٻيو وڏو خطرو ته ماحوليات لاءِ ٿي سگھي ٿو، جنهن ۾ قدرتي ڍنڍون، ڍورا، دريائي وهڪرا ۽ شاخون پاڻي گھٽجڻ ۽ اڻبرابري واري ورڇ جي ڪري جلدي سان خشڪ ٿي رهيون آهن؛ پاڻي جي وهڪرن ۽ وسيلن ۾ ڪيميڪل ڪچري اڇلائڻ جي ڪري مڇين جي پيدوار ختم ٿي رهي آهي؛ وڻ ٽڻ ختم ٿيڻ ڪري ماحول مان آڪسيجن جا وسيلا ختم ٿي رهيا آهن. ان سڄي عمل سان يقيني طور زمين به خراب ٿيندي جنهن سان چوپائي مال کي به وڏو نقصان ٿيندو جيڪو خاص طور تي اسان جهڙي ملڪ ۾ وڏي آبادي جو روزگار جي حوالي سان ڀرجھلو آهي. هتي اسان کي دنيا ۾ زرعي ترقي جي نالي ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ تبديلين مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته زراعت ۾ تيزي سان ايندڙ تبديلي تي نظر رکندڙ ماهرن جو خيال آهي ته ڪارپوريٽ زراعت ايتري خوبصورت ۽ فائديمند ناهي جيترو ٻڌايو ٿو وڃي. ٿي سگهي ٿو ته ان جا فائدا به هجن پر ان جي ديرپا اثرن جو تصور به ڪو نه ٿو ڪري سگھجي. حڪومتن جي ڪوتاهه نظري جي ڪري اهي سمجھن ٿا ته هن وقت هو انهن طريقن اپنائڻ سان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪري رهيا آهن پر مستقبل ۾ انهن کي وڏي تباهي ڏسڻ ۾ ئي نه پئي اچي.!

Back to Main News Page
Loading...